سيف الله ميربحر

سيف الله ميربحر: هي اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ داروغي جي عهدي تي فائز هو. بادشاهه جي دکن پهچڻ تي هن کي خان جو لقب مليو. عالمگيري جلوس جي اٺاويهين سال انهيءَ عهدي تان معزول ٿيو. جڏهن شاهه عالم بهادر اجمير مان محمد اڪبر جي تعاقب ۾ روانو ٿيو ته هي بادشاهي درٻار مان جنگ جا ڪجهه حڪم شهزادي کي پهچائڻ لاءِ مقرر ٿيو. هن جو وڏو پٽ مير اسد الله جنوني ڪيفيت وارو هو. هڪ غلطيءَ سبب هن تي عالمگيري عتاب به ٿيو ۽ هن کي مڪي ڏانهن روانو ڪيو ويو. حج ڪرڻ کان پوءِ بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جنهن کيس هڪ اهم منصب تي فائز ڪيو. لکنا واري قلعي جي محاصري وقت هي مورچن تي پهچي خبرون آڻيندو هو، جنهن ڪري پيءُ وارو لقب ’خان‘ کيس مليو ۽ سندس عهدي ۾ به اضافو ٿيو. الله ميربحر'>سيف الله ميربحر عالمگيري جلوس جي 29هين سال وفات ڪئي.


لفظ سيف الله ميربحرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو